حبيب الرحمان ڏيپلائي

حبيب الرحمان ڏيپلائي

حبيب الرحمان ڏيپلائي

حبيب الرحمان ڏيپلائي: نامور ليکڪ حبيب الرحمان ڏيپلائي ناليواري صحافي ۽ اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ننڍو پٽ هو. سندس جنم 31 ڊسمبر 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. پنهنجي والد وانگر قومي درد رکندو هو. هيءُ پنهنجي دور جو متحرڪ شاگرد اڳواڻ رهيو. هيءُ 1970ع واري اليڪشن دوران ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ بک هڙتال تي ويٺو، جنهن دوران لالا قادر ۽ ٻين شاگرد ساٿي اڳواڻن سميت کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن تي مزاحمتي شاعر نياز همايونيءَ ڊاڪٽر حبيب الرحمان جي جدوجهد کي سـاراهيـنـدي هـڪ نـظـم ۾ ذڪـر ڪـيـو. ڊاڪٽر حبيب الرحمان 1980ع ۾ ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيو. هن مختلف بيمارين ۽ طبي مسئلن تي روزاني ’عبرت‘ اخبار ۾ ڪيترو ئي عرصو ڪالم لکيا. هن 24 جنوري 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بابن شاهه حيدرآباد واري قبرستان ۾ آهي.


لفظ حبيب الرحمان ڏيپلائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.31  عيسوي

حبيب الرحمان ڏيپلائي جو جنم 31 ڊسمبر 1952ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو.


1994.01.24  عيسوي

حبيب الرحمان ڏيپلائي 24 جنوري 1994ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بابن شاهه حيدرآباد واري قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيرين مزاري
ڀيم سين جوشي
شاهل محمد ڪلهوڙو
علي رضا سهتو قاضي
جتوئي شير خان
پيٽراعظم
شهباز بلوچ
حسني قادري حاجي شاهه جيلاني
قاضي علي رضا
ذوالفقار علي ڀٽو شهيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون